بخاري جڙيل شاهه

بخاري جڙيل شاهه

جڙيل شاهه بخاري

جڙيل شاهه بخاري: سيد جڙيل شاهه بخاري ولد سيد پيرل شاهه بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سهڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پنج درجا آهي، پنهنجي والد ۽ ڀاءُ سيد علي شاهه بخاري (ٽئين) جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سندس علمي مشاهدو به ڳوڙهو آهي. سيد جڙيل شاهه کي پنهنجي والد بزرگ ۽ ڀاءُ جي اثر هيٺ شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هن ڪافي ڪلام چيو آهي. جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون وڌيڪ آهن. ان کان علاوه هن پنهنجي والد بزرگ سيد پيرل شاهه بخاري ۽ ڀاءُ سيد علي شاهه بخاري (ٽئين) جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي. سيد جڙيل شاهه رڪ ڳوٺ جي ڀرسان، سهڪجيءَ ۾ پنهنجي وڏڙن جي درگاهه جو خدمتگار پڻ آهي.


لفظ جڙيل شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.08.01  عيسوي

سيد جڙيل شاهه بخاري ولد سيد پيرل شاهه بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سهڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم آزاد ڊاڪٽر
ولي محمد تراب صوفي
امام بخش عاصم
وڪرم شهاڻي
آريسر محمد ايوب فقير
آغا ثناالله
طلعت حسين
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
ظل رحمان
ايس گل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون